عشرت گل

عشرت گل: مشهور اداڪار ۽ ليکڪ عشرت گل جو اصل نالو گل محمد آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم مڊل آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جي فن سان دلچسپي هئي. هن پنهنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘کل سهڻا کل’ آهي. سندس مشهور ٻين اسٽيج ڊرامن ۾ ‘ڀاڳ ته منهنجو’، ‘قرباني’، ‘شادي آهي تعدي’، ‘زال ڪري ٿي تال’، ‘چورن مٿان مور’ وغيره قابل ذڪر آهن. سندس اداڪاريءَ ۾ ڪيترا ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڪي. ٽي. اين جي مشهور ڊرامن ‘پٿر دنيا’، ‘ڪڏهن ته ملنداسين’، ‘غريب آباد جي عذرا ۽ شمي’ قابل ذڪر آهن. هي ريڊيو پاڪستان جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ پي. ٽي. وي جي ناٽڪ سڀا ۽ رس چس ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. عشرت گل هڪ سنڌي ٽيلي فلم ‘زندگي ’ پڻ لکي، جنهن ڏسندڙن ۾ مقبوليت ماڻي. هن سنجيده اداڪاريءَ کان سواءِ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ مزاحيه اداڪاري پڻ ڪئي. مزاحيه ڊرامي ‘زال ڪري ٿي تال’ ۾ سندس اداڪاري پسند ڪئي وئي. هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عشرت گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.01.01  عيسوي

مشهور اداڪار ۽ ليکڪ عشرت گل جو اصل نالو گل محمد آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاڪر خان رند
نصير سومرو 1
جمي ڪارٽر
آتمارام لعلواڻي
ڀڳوان سي ٿڌاڻي پشپ
بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر
اويس قرنيِ حضرت
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
محمد صالح راهوجو
اول شاهه ۽ جمن شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون